ميان صاحب فاٽا وارن کي لالي پاپ ڏئي رهيو آهي: آصف زرداري
May 18, 2017 at 8:25 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پشاور جو دورو سياسي سرگرمين جو حصو آهي، ٻيهر به ايندو رهندس، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته خيبر پختونخواهه جو پاڪستان بڻائڻ، سنڀالڻ ۽ دفاع ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، يو اين ۾ پهرين تقرير ۾ چيو هيو ته اسان مائنڊ سيٽ جي جنگ هارائي رهيا آهيون، بي سمجهه ماڻهن سبب جنگ پاڪستان تي مڙهي وئي آهي، ڪنڌ ڪٽڻ وارو ۽ جنهن جو ڪنڌ ڪٽجي رهيو آهي، ٻئي ڪلمو پڙهي رهيا آهن، هن چيو ته سوات ۾ ٽن مهينن ۾ پاڪستان جو جهنڊو لهرائڻ جو بي بي و واعدو اسان پورو ڪيو، اي پي ايس پشاور جي واقعي بعد فوجي عدالتون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، خيبر پختونخواهه ۾ ڪنهن نه چيو ته نئين پاڪستان ۾ اهي خوش آهن، هن چيو ته پختون ڌرتي پاڪستان بڻائڻ ۾ قربانيون ڏنيون، ڪي پي ڪي دوستن کي پخير راغلي چوان ٿو، اسان تي هر مڙهيل جنگ ۾ پختونن جون وڏيون قربانيون آهن، سڀني مون کي چيو پاڪستان کي بچايو، مون انهن سان واعدو ڪيو آهي، هتي قبيلائي جرڳو ٿي رهيو هيو، ميان صاحب فاٽا تي نئون بل پيش ڪري رهيو هيو، اي پي ايس شهيدن جي والدين سان مليس، اسان مٿي کان هيٺ تائين سڀني جون 150 سيڪڙو پگهارون وڌايون هيون، اسان کي معلوم هيو ته مهانگائي جي ڪهڙي حالت آهي، مشرف جي دور ۾ ڇا ٿيندو رهيو، ميان صاحب فاٽا وارن کي لالي پاپ ڏئي رهيو آهي، اسپتالن جي نجڪاري نه ڪئي وڃي، اي پي ايس تي انڪوائري ٻيهر کان ڪرائي وڃي، آصف زرداري چيو ته هڪ طرف چون ٿا مان شير آهيان، شير ته درندو آهي، هر شئي کي کائيندو آهي، هڪ طرف چون ٿا، مان هيرو آهيان، مون نئون پاڪستان بڻايو، آصف زرداري چيو ته پوئين اليڪشن ۾ اسان مهم ئي نه هلائي سگهياسين، ايندڙ چونڊن ۾ آصفه ۽ مان سنڌ ۾ مهم هلائينداسين، هن چيو ته ڪڻڪ وڌيڪ آهي، حڪومت ڪڻڪ ٻاهر اماڻڻ جو انتظام ڪري، اسپتالن جي نجڪاري نه ڪئي وڃي.