ميان صاحب اڌ سچ نه هلندو، ٻڌايو وڃي ته مشرف کي ڀڄائڻ عيوض ڇا حاصل ڪيو ويو: چانڊيو

ڪراچي ( م ڊ ) پ پ اڳواڻ سينيٽر مولابخش چانڊئي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن جي ئي سهي حڪومت مسلم ليگ ن جي آهي، مشرف کي واپس ڇو نه آندو وڃي، ميان صاحب سچو آهي ته همت ڪري، وزيراعظم کي چوي ته مشرف کي آندو وڃي، هاڻي اڌ سچ نه هلندو، ڳالهائڻو آهي ته سمورو سچ ڳالهايو وڃي، ٻڌايو وڃي ته سنگين بغاوت جي جوابدار کي ڀڄائڻ عيوض ڇا ورتو ويو.  ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئي چيو ته نواز شريف ڊيل جو ماسٽر آهي، سندس هر قدم ڊيل ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ هوندو آهي، هن پهريون مشرف تي بغاوت جو ڪيس ڪيو پوءِ ڊيل ڪئي، ميان صاحب پرويز مشرف کي پاڻ ڀڄايو، هاڻي الزام ٻين تي هڻي رهيو آهي. پ پ سينيٽر چيو ته ميان صاحب اڳو چوڻ ڪافي ناهي ته سڀ مشرف تي ڪيس هلائڻ سبب ٿي رهيو آهي، پرويز مشرف آرٽيڪل 6 ئي نه پر بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ به جوابدار آهي. هن چيو ته اڌ سچ نه هلندو، ڳالهائڻو آهي ته سمورو سچ ڳالهايو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *