موهن جو دڙو ۾ تيز هوا ۽ برسات سبب قديمي ماڳ جي جُهريل آثارن کي شديد نقصان، تاريخ ميسارجڻ جو خطرو

ڏوڪري(نمائندو)موهن جو دڙو ۾ تيز هوا سان گڏ وڏي ڦڙيءَ جي پوندڙ برسات سبب قديم ماڳ جي جُهريل آثارن کي شديد نقصان. اسٽوپا ۽ روڊ رستن ۽ گريٽ باٿ وٽان برساتي پاڻي دٻا بڻجي بيهجي ويو.آثارن ۽ روڊن تي جمع ٿيل پاڻي ملازمن ذريعي  نيڪال ڪيو پيو وڃي.موهن جو دڙو محفوظ آهي، تهذيبي آثارن کي برسات سبب نقصان ناهي پهتو.موهن جو دڙو انتظاميه جي دعويٰ.موهن جو دڙو ۾ آچر ڏينهن ۽ سومر واري رات وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز هوا سان گڏ پوندڙ برسات سبب قديم تهذيبي آثارن اسٽوپا،گريٽ باٿ سميت ٻين جهريل ڀريل آثارن کي شديد نقصان پهتو آهي.ان ڏس ۾ موهن جو دڙو جي اسٽوپا چوڌاري پاڻي جا دٻا بيٺل آهن.جڏهن ته برسات سبب سمورا آثارن گِهمجي ويا آهن.سومر واري سڄي رات برسات پوڻ سبب اسٽوپا ڏانهن ويندڙ مکيه رستي تي پاڻي جا دُٻا جمع ٿي ويا آهن،برسات سبب بيٺل برساتي پاڻي  کي ملازمن طرفان هٿرادو طريقي سان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي.موهن جو دڙو ۾ برسات سبب زبون حال قديم آثارن کي به سخت نقصان پهچايو آهي.جنهن سبب ايڇ آر ايريا، منير ايريا، وي ايس ايريا۽ ايل ايريا ۾ اڳيئي جُهريل آثارن کي برسات وڌيڪ جهوري وڌو آهي.جڏهن ته تيز برسات سبب سمورا آثار گِهمجي ويا آهن.ايس ڊي ايريا ۾ اسٽوپا ڀرسان توڙي ڊي ڪي ايريا ۾ ڪيترن قديم ڪمرن کي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سرشتو ٺهيل نه هجڻ ڪري اڪثر برساتي پاڻي تلائن  جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي.قديم ڪمرن ۾ برساتي پاڻي ڀرجڻ بعد موهن جو دڙو انتظاميه طرفان ملازمن معرفت جمع ٿيل پاڻي هٿرادو طريقي ۽ موٽرن ذريعي نيڪال ڪرايو وڃي ٿو.موهن جو دڙو جي قديم ڪمرن مان رات جي وقت هجڻ سبب انتظاميه طرفان پاڻي نه ڪڍڻ سبب آثارن کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي.رابطو ڪرڻ تي ڪنزرويش جي آرڪيٽيڪٽ نويد احمد سانگاه ٻڌايو ته تازي  برسات سبب ظاهري طور آثارن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي.رستن تي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو پيو وڃي.هن چيو ته جن ڪمرن کي نيڪال جو نظام ٺهيل  ناهي اتي انهن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ جي صورت ۾ موٽرن ذريعي فوري طور ٻاهر ڪڍرايو ويندو آهي. آرڪيٽڪٽ موجب آثارن اندران برساتي پاڻي ٻاهر ڪڍڻ لاء ڪيترين جاين تي  نيڪال جون ناليون ٺهيل آهن جنهن ذريعي پاڻي ٻاهر نڪري ويندو آهي.جنهن ڪري نقصان گهٽ ٿئي ٿو.   

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *