موهن جو دڙو کي عيد جي موڪلن دوران عام ماڻهو جي داخلا تي بندش،100 اهلڪار مقرر

ڏوڪري(رپورٽ)موهن جو دڙو کي عيد جي موڪلن دوران عام ماڻهو جي داخلا تي بندش واري ثقافت کاتي جي فيصلي کان پوء ڪاله موهن جي دڙي تي مقرر ڪيوريٽر غلام حسين بڙدي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمر طفيل سان ملاقات ڪري عيد جي موڪلن ۾ گمهڻ لاء ايندڙ هزارين ماڻهن کي ماڳ اندر داخل ٿيڻ لاء سيڪورٽي ڏيڻ جي گهر ڪئي۔ ڪيوريٽر موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو عيد جي موڪلن دوران 5 ڏينهن تائين 100 پوليس اهلڪار ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي۔ ڪيوريٽر چيو ته موهن جو دڙو چوڌاري غير قانوني طور داخل ٿيندڙ ماڻهن کي روڪيو ويندو۔ جڏنهن ته پوليس سيڪيورٽي کان علاوه هن ٻڌايو ته 35 ملازمن کي  موهن جو دڙو جي مختلف ايرياز  ۾  مقرر ڪيو ويندو جيڪي اندر داخل ٿيندڙ ماڻهن کي آثارن کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪندا۔ ڪيوريٽر موجب عيد موڪلن دوران حفاظتي انتظام سخت رکيا ويندا ان دوران ڪنهن به ماڻهو کي آثارن جي لتاڙ ڪري نقصان پهچائڻ نه ڏيندا۔ هوڏانهن موهن جو دڙو تي هر سال عيد جي موڪلن دوران  مختلف شين جا اسٽال لڳائيندڙ 20 کان مٿي ماڻهن موهن جو دڙو جي مکيه گيٽ آڏو احتجاج ڪندي ثقافت کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ هنن گهر ڪئي ته  موهن جو دڙو کي عيد جي موڪلن ۾ کوليو وڃي ته جيئن هو هر سال وانگر هن سال به ٻچن جي روزي ڪري سگهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *