نوابشاهه( بيورو ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جو وزيراعظم ڪشتو کڻي دنيا گهمي رهيو آهي، مون کي گرفتار ڪرڻ جا بهانا ڳوليا پيا وڃن. نوابشاهه ۾ هڪ تقريب دوران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته مون کي گرفتار ڪرڻ جو رستو ڳوليو پيو وڃي، جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته اڳ کان وڌيڪ مشهور ٿي ويندس. هن چيو ته منهنجو سرڪار سان جهيڙو هلندو رهندو آهي پر منهنجي گرفتاري ڪو به مسئلو ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ آيو ڊيل ڪري آيو، موجوده وزيراعظم به ڊيل ڪري آيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڊيل ڪندڙن کي ڊيل ڪرڻ اچي ٿي پر ملڪ هلائڻ نه ٿو اچي. هن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم ڪشتو کڻي دنيا گهمي رهيو آهي پر اسان پنهنجي وسيلن سان ملڪ هلايو ۽ ڪشتو نه کنيو. سندس چوڻ هو ته چين سان مقامي ڪرنسي ۾ واپار جو ٺاهه هاڻي ٿيو آهي، اسان جي حڪومت اڳ ئي 6 ملڪن سان اهڙي قسم جو ٺاهه ڪري چڪي آهي.