مون کي ڪڍڻ واري فيصلي سبب ڏڦيڙ پيدا پيو ٿئي، ايترا مهينا گذري ويا پر خبر نه پئي ته الزام ڪهڙو آهي: نواز شريف

چڪوال(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته مون کي ڪڍڻ واري فيصلي جي ڪري ڏڦيڙ پيدا ٿي رهيو آهي،  قوم ٻڌائي ته نواز شريف ڪڏهن 10 رپين جي به چوري ڪئي، ايترا مهينا گذري ويا پر خبر ناهي پئجي سگهي ته نواز شريف ڪهڙو الزام آهي. چڪوال ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته خيالي پگهار جي ڪري نواز شريف کي ڪڍيو ويو، هنن اقامي تي وزير اعظم کي ڪڍي ڇڏيو.  مون تي هڪ ٿيلهي جي ڪرپشن جو به الزا ناهي، چيو ويو ته پٽ کان پگهار نه ورتي ۽ خيالي پگهار تي ڪڍيو ويو. منهنجو والد صاحب گذاري ويو ۽ مون کي ست سال پاڪستان نه اچڻ ڏنو ويو، عوام جي ڪري ماضي ۾ دل تي لڳل زخمن کي وسارڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته  چوڌري لياقت علي خان پنهنجي تڪ جي گهڻي خدمت ڪئي، چوڌري لياقت علي خان منهنجو پراڻو ساٿي هو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته منهنجو ۽ مسلم ليگ ن جو مشن ڪهڙو آهي؟ اسان کي ملڪ مان بي دخل ڪيو ويو سڀ ڄاڻن ٿا. اسان هميشه خلوص نيت سان پاڪستان جي خدمت ڪئي جڏهن ته پوين 4 سالن ۾ به خدمت جي جذبي ۾ گهٽتائي ناهي آئي. هن چيو ته پاڪستان کي اونداهه ۾ ڌڪڻ وارن چهرن کي ياد رکڻ گهرجي، جن عوام کي اونداهه ۾ ڌڪيو اهي هاڻ ڪٿي آهن، چار سالن جي اندر لوڊيشيڊنگ کي ختم ڪيو، بجلي ۽ روڊ بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن، منهنجو ويزن هو ملڪ ۾ روڊ بڻجي گهرجن ۽ اسان بجلي جا ايترا منصوبا لڳايا جو لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي. سندس چوڻ هو ته 2013ع کي ياد ڪيو جڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي هر جاءِ تي نظر اچي ايندي هئي، اسان سي پيڪ شروع ڪيو ته 56 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ملڪ ۾ آئي.  ملڪ ۾ آپريشن ڪري دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي ۽ مون کي ناهل ڪرڻ جي واري فيصلي کان پو ڏڦيڙ پيدا ٿي رهيو آهي جڏهن ته  معاملو پاناما جو هو پر نااهل اقامي تي ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *