مون کي سڃاڻپ سنڌ ڏني پر ڳڻپ بلوچن ۾ ٿيندي آهي: آصف علي زرداري

جعفر آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مردم شماري ۾ بلوچستان سان زيادتي ٿي رهي آهي، سي پيڪ جي حوالي بابت ڪجهه ماڻهن کي غلط فهميون آهن، مون کي سڃاڻپ سنڌ ڏني پر ڳڻپ بلوچن ۾ ٿيندي آهي. جعفر آباد ۾ ورڪر ڪنويشن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو آهي ته مون کي بلوچن سان ايترو ئي پيار آهي جيترو پاڪستان سان آهي. سي پيڪ سڄي پاڪستان جي لاءِ بڻايو پيو وڃي، اسان جا ڀائر، ڀاڻج ۽ ڀائيٽيون ماريون ويون. هن چيو ته بلوچستان جي جبلن تي چڙهي اسان ڪنهن کي نقصان پهچايو. هن چيو ته ڏسو ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ڇا ٿي رهيو آهي، توهان پنهنجي پاڻ کي غلط استعمال ڇو ٿا ٿيڻ ڏيو. سي پيڪ بابت دوستن کي ڪجهه غلط فهميون آهن، بلوچستان جو مستقبل ڏاڍو روشن آهي، خير بخش خان مري وڏي شخصيت هئي اڄ توهان مرين جي حالت ڏسو هوڏانهن ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي ۽ وري ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي ڏسو ته شام جي ڪهڙي حالت آهي. هن چيو ته حڪمرا نن کي خبر ناهي سي پيڪ ملڪ جو منصوبو آهي، اسان پنهجي سياست کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ۽ ماڻهن کي موقعو ڏنو ته اسان کي خراب چون، بلوچستنا جي زمين پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ زرخيز آهي، توهان جي ڌرتي سون آهي، پاڪستان سون آهي. مون کي توهان جي ڌرتي جو سور آهي، دوستن جي سهاري کان سواءِ مان ڪجهه به ناهيان، منهنجي سوچ هئي ته سڄو بلوچستان امير ٿئي، مون پنهنجي طاقت پارليامينٽ کي ڏني، مائنڊ سيٽ کي واپس وڃڻ ۾ 20 سال لڳندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ويڙهه طالبانائيزيشن جي ٿي رهي آهي، ڪٿي ورغلائي نيشنل ازم کي به استعمال ڪيو پيو وڃي. آئون واڻئي کي چوان ٿو ته اسان پاڻي جا ٻيا ذريعا ڳولي ورتا آهن، مودي پاڪستان جو پاڻي بند نٿو ڪري سگهي ۽ اسان وٽ پاڻي جا ٻيا ذريعا به آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *