مون کي احساس آهي ته لياري جا ڪيترائي مسئلا آهن، انهن کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو؛بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لياري کي پاڻي ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن سمنڊ جو پاڻي به مٺو ڪرڻو پيو ته ڪنداسين. لياري ۾ پاڻي لاءِ احتجاج کانپوءِ چاڪي واڙا ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي شهيد بينظير ڀٽو جو واعدو نڀائڻو آهي ۽ ملڪ کي بچائڻو آهي. هن چيو مون کي احساس آهي ته لياري جا ڪيترائي مسئلا آهن، انهن کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو، مان توهان جا مسئلا حل ڪري سگهان ٿو، هيءَ منهنجي پهرين ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي آخري اليڪشن آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ن ليگ توهان جو حق کاڌو، اهي مسئلا ڪيئن ٿا حل ڪري سگهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم وارا پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، اسان سدائين غريب عوام جي خدمت ڪئي ۽ ڪنداسين، جيڪڏهن حڪومت ٺاهي سين ته بيروزگاري جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڌار وزارت ٺاهينداسين. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي لياري پهتي ته علائقي واسين طرفان ان تي پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پ پ چيئرمين جي قافلي ۾ موجود ڪجهه گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا. علائقي واسين پاڻي کوٽ خلاف نعريبازي پڻ ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *