پشاور(م ڊ)ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مون پهريان ئي چيو هو ته(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي حمايت ڪنديون.عمران خان جو ايجنڊا احتساب آهي. مارچ کان پوءِ احتساب پنهنجي اصل شڪل ۾ اچي ويندو. شيخ رشيد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ اسان جي قومي ذميواري هئي. فضل الرحمان ڊسمبر جي ڳالهه ڪئي هئي پر ڊسمبر گذري ويو.پاڪستان کي خطي ۾ نيون ذميواريون ملي رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ نوجوان پنهنجي حقن جي لاءِ روڊن تي آهن. سمورو ڀارت مودي جي خلاف نڪري آيو آهي. شيخ رشيد چيو ته اضاخيل ۾ نئين ڊرائي پورٽ جو افتتاح ڪري رهيا آهيون.ڊرائي پورٽ 51 ڪروڙ روپين سان مڪمل ڪيو ويو. رحمان بابا ٽرين تي 120 سيڪڙو بڪنگ آهي. هن چيو ته اسمگلنگ جي خاتمي جو واحد طريقو اهو آهي ته ڊرائي پورٽ ذريعي مال کنيو وڃي.