مولانا فضل الرحمٰن ۽ پ پ چيئرمين وچ ۾ ملاقات: حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ عيد کانپوءِ اي پي سي سڏائڻ تي مشاورت

اسلام آباد (بيورو رپورٽر) اپوزيشن پي ٽي آءِ سرڪار خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي وئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي نجي هوٽل ۾ ٿيل ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال سميت عيد کانپوءِ اي پي سي سڏائڻ تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته عوام جِي زندگين ۽ ملڪي معيشت کي خطرو آهي، وزيراعظم کي گهر وڃڻو پوندو، جنهن لاءِ قوم هڪ پيج تي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات جا اثر عيد کانپوءِ نظر ايندامتحده اپوزيشن جيڪو فيصلو ڪندي، ان تي عمل ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته عيد کانپوءِ جلد ئِي رهبر ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ تجويزون تيار ڪري اَي پي سي ۾ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جماعتن جون تياريون مختلف هونديون ته انهن کي به گڏجي هڪ پيج تي آڻينداسين، بلاول ڀٽو اڄ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان به ملاقات ڪندو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون گڏجي وچ مدي وارين چونڊن يا اِن هائوس تبديلي بابت فيصلو ڪنديون.جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته مخالف ڌر رهبر يا اي پي سي ۾ جيڪو فيصلو ٿي ويو، اسان ان جي موجب هلنداسين ۽ جيستائين پاڪستاني عوام جو تعلق آهي ته سمورن صوبن جو عوام هڪ پيج تي آهي ان ڪري مخالف ڌر کي جلد کان جلد عوام جي اميد تي پورو لهندي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزير اعظم عمران خان کي وڃڻو ئي پوندو.ڪورونا وائرس بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا ۽ ڪجهه سياسي پارٽين مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صحت تي سياسي ڪئي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان ملڪ خلاف پاڪستاني ۾ رهندڙ آمريڪي بلاگر سنٿيارچي جي الزام بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رحمان ملڪ يقينن گهرو ڪميٽ وزارت جي ڪميٽي جي حيثيت سان آمريڪي بلاگر سان ملاقات ڪئي هوندي پر هو الزامن بابت ضرور پڇاڻو ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *