مولانا فضل الرحمان جي نواز شريف سان ملاقات، حڪومت مخالف تحريڪ تي غور

لاهور ( م ڊ ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ حڪومت مخالف تحريڪ تي ڳالهيون ڪيون ويون.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رائيونڊ ۾ ملاقات ٿي. مولانا فضل الرحمان نواز شريف جي صحت بابت دريافت ڪيو جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم مولانا فضل الرحمان کي پنهنج علاج بابت آگاهه ڪيو.  ذريعن موجب ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال، نيب ڪيسن سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. حڪومت مخالف تحريڪ جي شروعاتي نقطن تي به غور ويچار ڪيو ويو.  مولانا فضل الرحمان نواز شريف کي آصف زرداري سان ملاقات بابت پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته معيشت نااهل حڪمرانن جي هٿ ۾ هجي ته اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪهڙو حال ٿيندو. هن چيو ته نواز شريف ۽ مان موجوده ملڪي حالتن تي ڳڻتي محسوس ڪئي.  سندس چوڻ هو ته مهانگائي جي بار هٿان دٻيل عوام کي ڇوٽڪاري لاءِ تيار آهيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آصف زرداري صاحب سان به ملاقات ڪندس، جمعيت علماءِ اسلام ملين مارچ جي تيار ڪري ورتي آهي. هن چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ آصف زرداري سان به ملاقات ڪندس، جعلي حڪومت آهي جيڪو وزيراعظم بڻيو ويٺو آهي اهو به جعلي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *