ميهڙ (رپورٽر) گورنر عمران اسماعيل ميهڙ جي دوري دوران دعويٰ ڪئي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو مارچ جلد منطقي انجام تي پهچندو، آزادي مارچ وارن سان حڪومت جون ڳالهيون هلندڙ آهن. گورنر عمران اسماعيل وفاقي وزير لياقت جتوئيءَ جي دعوت تي ٻيٽو جتوئي پهتو، جتي پارٽي اڳواڻن سندس آجيان ڪئي. گورنر عمران اسماعيل ٻيٽو جتوئيءَ ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن دور/ڏان پي ايس 86 جوهيءَ تي ننڍي چونڊ حوالي سان تيارين جو جائزو ورتو ويو. اُن وقعي تي آبادگارن ۽ ٻين دانهيو ته بااثر ماڻهو جوهيءَ جو پاڻي چورائي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ زمينون سُڪي ٺوٺ ٿي ويون، تنهن هوندي به بااثر پاڻي چورن کان پڇڻ وارو ڪير به نه آهي، جنهن تي گورنر عمران اسماعيل خاطري ڪرائي ته رينجرز ذريعي پاڻي چوري روڪرائي پڇڙيءَ جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو ويندو، جڏهن ته پاڻي چوريءَ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. گڏجاڻي ۾ پي ايس 86 تي پي ٽي آءِ اُميدوار امداد لغاري به موجود هو. گڏجاڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جو مارچ منطقي انجام تي پهچڻ وارو آهي، وزيراعظم جي استعيفيٰ سوڌو ٻيا ناجائز مطالبا نه مڃيا ويندا، وفاقي سرڪار چاهي ٿي ته رتوڇاڻ کانسواءِ ۽ پُرامن نموني آزادي مارچ وارو مسئلو حل ٿئي، اُنهن سان ڳالهيون هلندڙ آهن.