مولانا صحيح ٿو چوي ته پاسپورٽ کان سواءِ ڪرتارپور ڪنهن کي به اچڻ نه ڏنو وڃي: پرويز الاهي

اسلام آباد(بيورو) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مولانا جي اها ڳالهه صحيح آهي ته پاسپورٽ کان بغير ڪرتارپور ڪنهن کي به نه اچڻ ڏنو وڃي.حڪومت ياترين کي باقي سهوليتون ضرور ڏئي پر پاسپورٽ جي شرط ضرور رکي. پاسپورٽ هوندو تڏهن ئي هتي اچڻ وڃڻ وارن جو رڪارڊ هوندو. صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي آزادي مارچ بابت چيو ته مولانا فضل الرحمان سان گڏ ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهيان.مولانا سان گڏ ڳالهين ۾  هر روز بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي ڪميٽي نيڪ نيتي سان جلد کان جلد معاملا حل ڪرڻ چاهي ٿي ڇو ته پهريان ئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. مولانا کي اهو چيو آهي ته  چونڊ نتيجن تي تحفظات جي لاءِ لاڳاپيل فورم موجود آهي. پرويز الاهي چيو ته وزيراعظم به چاهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي مضبوط بنايو وڃي. عمران خان جوڊيشل ڪميشن تي به اتفاق ڪري رهيو آهي.فضل الرحمان اسيمبلي ۾ اچڻ کان سواءِ ئي اپوزيشن اڳواڻ بڻجي ويو آهي اها ان جي وڏي ڪاميابي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ رميش ڪمار چيو ته عمران خان رياست مدينه جي ڳالهه ڪري ٿو پر ان  جي پوئيواري نٿو ڪري. مديني جي رياست ۾ دشمنن کي معاف ڪيو ويو ۽ محبت جي زبان استعمال ڪئي وئي. ڪرتارپور راهداري کولي ماڻهن جا دل کٽيا ويا آهن.پاسپورٽ جي ڇوٽ نه ڏيڻ جائز مطالبو آهي. جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ رنجيت سنگهه چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري سکن يا ڪرتارپور راهداري تي موقف واضح ڪرڻ جي لاءِ چوندس. پاڪستان  ۽ سموري دنيا جي سک ڪميونٽي ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. (ن) ليگ اڳواڻ کهيل داس ڪوهستاني چيو ته ڪرتارپور راهداري کولڻ سٺو قدم آهي پر  ان جو وقت صحيح ناهي. ڀارت جي سامهون  ڪشميرين جو ڪيس رکڻ گهرجي ها.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *