مولانا حامد الحق جي يو آءِ س جو وقتي امير چونڊجي ويو

نوشهره ( م ڊ ) مولانا سميع الحق جي پٽ مولانا حامد الحق کي جي يو آءِ س جو وقتي امير مقرر ڪيو ويو آهي. نوشهره ۾ مولانا سميع الحق جي شهادت بعد جي يو آءِ س جي نئين امير جي چونڊ لاءِ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مولانا حامد الحق، مولانا انوار الحق، مولانا يوسف شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ مولانا سميع الحق جي پٽ مولانا حامد الحق کي جي يو آءِ س جو وقتي امير مقرر ڪيو ويو آهي. مولانا حامد الحق جو چوڻ آهي ته  پارٽي جا سمورا عهديدار پنهنجي پراڻن عهدن تي بحال رهندا. هن چيو ته مولانا سميع الحق جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته مولانا سميع الحق هر سطح تي پاڪستان کي متحد رکڻ جي ڳالهه ڪئي.  مولانا حامد الحق چيو ته آسيه بي بي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڦاهي ڏني وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *