موصل جي ويجهو بم ڌماڪي ۾ ايراني عسڪري صلاحڪار مارجي ويو

موصل (اين اين آءِ)ايراني پاسداران انقلاب اتر عراق جي نينوا گورنري ۾ موصل ويجهو تل عفر جي هنڌ وٽ هڪ ايراني عسڪري صلاحڪار جي بم ڌماڪي ۾ فوتگي جي تصديق ڪئي آهي پاسداران انقلاب جي نيوز ويب سائيٽ پوٽر پاران ان جي انقلاب واري شعبي سان تعلق رکندڙ هڪ عهديدار جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بڌايو ويو ته ملڪ جي الهندي شهر ڪرمانچا سان تعلق رکندڙ هڪ سينيئر اهلڪار ڌماڪي ۾ مارجي ويو موصل ۾ ان هنڌ تي ايراني عسڪري صلاحڪار خيرالله احمدي سان اهو حادثو هڪ رستي جي ڪناري رکيل بم ڦاٽڻ سان پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ خيرالله احمدي جي فوتگي واقع ٿي آهي رپورٽ موجب مقتول ايراني صلاحڪار خيرالله احمدي ايراني فوج جي بني اڪرم برگيڊ جي حسنين يونٽ سان واسطو رکندڙ هو ۽ ان کي ڪجهه عرصو اڳ عراق ۾ اهل بيت مزارن جي دفاع لاءِ موڪليو ويو هو ايراني پنهنجي حمايت يافته عراقي شيعا ملائيشيا کي ان لاءِ علائقن ۾ مضبوط بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪير رهيو آهي ته جيئن تل افر شهر کي هٿن مان نه وڃائي سگهي عراق ۾ شيعا ملائشيا جي تشڪيل ۾ به ايرج مسجد جو اهم ڪردار سمجهيو وڃي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *