موري ۾ لکين ماڻهن پيپلزپارٽي جي خراب حڪمراني کي رد ڪيو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته موري ۾ لکين ماڻهن پيپلزپارٽي جي خراب حڪمراني کي رد ڪيو. سنڌ کي مال غنيمت ڪري لٽيندڙ ڪرپٽ حڪمران جلد انجام کي پهچڻ وارا آهن. شفاف چونڊون ٿيون ته ڪرپٽ مافيا کي بدترين شڪست ملندي. بيروزگار نوجوان پاڻ نه ساڙين، حڪمران بي حس آهن، انهن تي ڪوبه اثر نه پوندو. نوجوان ووٽ جي طاقت سان تعليم ۽ ميرٽ کي تباهه ڪندڙ ۽ نوڪريون وڪرو ڪندڙن کي شڪست ڏيڻ لاءِ تياري ڪن. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ۽ عوام دشمن حڪمراني جي ڪري پيپلزپارٽي ٽن صوبن مان ختم ٿي چڪي آهي، سنڌ ۾ لکين عوام جا جلسا ثابت ڪري رهيا آهن ته  سنڌ جا ماڻهو ڪرپٽ مافيا مان بيزار آهن. هر کاتي کي اربين رپين جي ڦرلٽ ڪري تباهه ڪيو ويو آهي. آبادگارن سان جيڪو حشر ڪيو ويو آهي، اهڙو ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف به نه ڪيو. بار بار عدالتي حڪمن باوجود آبادگارن کي ڪمند جو اگهه نٿو ڏنو وڃي. سنڌ جا آبادگار زراعت جي بحالي چاهين ٿا ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا جا ٻانهن ٻيلي ٿيڻ کان انڪار ڪن. ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي ناهي، جيڪي دوکي ۽ لالچ ۾ اچي پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، اهي مايوسي ٿيندا. هن چيو ته اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ بدران حددخليون ڄاڻائي لکين عوام کي بي گهر ڪيو ويو آهي. سنڌ جو هر شهر تباهيءَ جو داستان آهي، رستا، گهٽيون کنڊر آهن، اسڪولن ۾ تعليم ۽ اسپتالن ۾ علاج ناهي. خراب حڪمراني مان بيزار عوام جلسن ۾ پاڻ شريڪ ٿي رهيو آهي، انهن کي حڪمرانن وانگر زبردستي نٿو آندو وڃي ۽ نه ئي لالچ ۾ اچن ٿا. پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام کي دوکو ۽ ڪرپشن ڏني آهي.01

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *