مورو ۾ جي ڊي اي ڪامياب جلسو ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت ۾ ويٺل وزير ، مشير وائڙا ٿي ويا آهن؛ارباب شاهد

خيرپور (س  ر) فنڪشنل مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ارباب شاهد ٻانڀڻ چيو آهي ته مورو ۾ جي ڊي اي ڪامياب جلسو ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت ۾ ويٺل وزير ، مشير وائڙا ٿي ويا آهن مان سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته هنن پير صاحب پاڳاري جي حڪم ٿي لکين ماڻهن شرڪت ڪري پ پ مان بيزاري جو ثبوت ڏنو آهي، پريس ڪلب خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي عوام کي جس هجي جنهن پيپلز پارٽي جي  ظلمن کي  10 سال برداشت ڪيو ، اسان کي خبر آهي ته جن پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي ، اهي پنهنجون ملڪيتون ۽ عزت نفس محفوظ ڪرڻ لاءِ زهر جو ڍڪ پئي شموليت اختيار ڪئي ، نگران ۽ جنرل اليڪشن ۾ پيپلن کي خبر پوندي ته عوام ڪنهن سان محبت ڪري ٿو، ان موقعي تي فنڪشنل ڪلچرونگ خيرپور ضلعي جو صدر راجهن چانگ، فقير سليم مڱريو ۽ ٻيا موجود هئا،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *