مودي والاريل ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪوڙي فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مودي والاريل ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪوڙي فليگ آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي .پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعطم چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غيرانساني لاڪ ڊائون ڪيو ۽ ڀارتي فوج معصوم ڪشميرين تي پليٽ گنز جو استعمال ڪري پئي .هن چيو آهي ته مودي جو آر ايس ايس وارو نظريو واَضح آهي، ڪشميري نوجوانن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، ڪشميرين کي خوراڪ ۽ دوائن کان به محروم رکيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *