مودي خطي ۽ مسلمانن جي بهتري لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي: پرويز مشرف

دبئي (اين اين آءِ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خطي ۽ مسلمانن جي بهتري لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي ۽ ان جا قدم پاڪستان جي خلاف آهن، پرويز مشرف جو انٽرويو ۾ چوڻ هو ته ڀارت ۾ هن وقت هندو انتهاپسند پارٽي جي حڪومت آهي، هن چيو ته نريندر مودي ۽ ان جي حڪومت جا قدم پاڪستان جي خلاف آهن ۽ ڀارتي وزيراعظم جنت واري ڪشمير ۾ امن نٿو چاهي جيڪو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، دهشتگردي جي حوالي سان هن چيو ته اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به تعلق نه آهي، دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه هوندو آهي، پاڪستاني سياست جي حوالي سان پرويز مشرف چيو ته وطن واپس ويندس، ڇو ته هن وقت ملڪ کي ٽين سياسي قوت جي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *