اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي تڪراري قانون سبب پاڪستان لاءِ پناهگيرن جو وڏو مسئلو پيدا ٿيندو.وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ افغان پناهگيرن بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گذريل 20 سال پاڪستاني عوام لاءِ تمام گهڻو مشڪل رهيا آهن پر سموريون پريشانين جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. افغان پناهگيرن جي ٻارن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سکي. اڄ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم عالمي ٽيمن ۾ شامل ٿي چڪي آهي.عمران خان ڀارت ۾ انتهاپسندي جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته 6 مهينن کان والاريل ڪشمير ۾ عوام جيل ۾ قيد آهي. هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ تي انتهاپسندي جو قبضو ٿي چڪو آهي. تڪراري شهريت واري بل سان 20 ڪروڙ مسلمانن کي نشانو بنايو پيو وڃي. بي جي پي اڳواڻ تڪراري قانون جي خلاف احتجاج ڪندڙ مسلمانن کي پاڪستان وڃڻ جو چون ٿا.گڏيل قومن ۽ عالمي برادري هن مسئلي کي حل نه ڪيو ۽ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته مستقبل ۾ پناگيرن جو وڏو مسئلو پيدا ٿيندو ۽ پاڪستان جي لاءِ وڏيون پريشانيون پيدا ٿينديون. وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ هندو انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس کي ٺاهڻ واري نازي ازم مان متاثر ٿيا. مودي حڪومت نازي فلسفي کي وڌائي رهي آهي هي نهرو ۽ گاندهي جو ڀارت ناهي. هاڻ ڀارت ۾ سياست لاءِ ماڻهن کي ورهايو پيو وڃي.حالتون خراب ٿيڻ کان اڳ عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي گڏيل قومن ڌيان نه ڏنو ته مستقبل ۾ هي وڏو مسئلو بڻجي اڀرندو. نفرت جي نظرين کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته وڏي پيماني تي رتوڇاڻ جو امڪان آهي ان کان اڳ جو معاملا هٿن مان نڪري وڃن ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.عمران خان يورپ ۾ اسلام فوبيا ۽ انتهاپسندي تي روشني وجهندي چيو ته نائن اليون کان پوءِ اسلام ۽ دهشتگردي کي گڏ جوڙيو ويو ۽ اسلام فوبيا يورپ ۾ مسلمان پناهگيرن جي پريشانين ۾ اضافو ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دعا آهي ته افغانستان ۾ امن ڳالهيون ڪامياب ٿين.افغان عوام گذريل ڪيترن ئي سالن کان وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون آهن. پاڪستاني قوم ۽ سمورا ادارا افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن. اسان جون اڳ پاليسيون جيڪي به رهيون هجن پر منهنجي حڪومت افغان امن عمل لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو آهي.