خيرپور ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي ايم ايم اي نفيسه شاهه الزام مڙهيو آهي ته مودي جو يار ڪنهن ٻئي کي سمجهي رهيا هئاسين پر مودي جو حقيقي يار عمران خان آهي، عمران خان مودي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي. پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سڪريٽري نفيسه شاهه گجو پل وٽ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪرڻ وقت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمران پاڻ چيو هو ته رڙيون ڪڍرائينداس هاڻي عوام جون رڙيون آهن. هڪ ڪروڙ نوڪري جي ڳالهه نوڪرين مان ڪڍڻ جي هئي فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن. فنانس ۽ زراعت واري وزيرن کي ڪجهه خبر ئي ناهي. هن چيو ته حڪمرانن کي ملڪ جي حالتن جي به خبر ناهي. زراعت ملڪ جي معيشت جي بنياد آهي. زراعت ٺيڪ نه هوندي ته ملڪ جي معيشت ڪيئن بهتر هوندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻٽو نظام ھلي رھيو آھي. چندو ڏيندڙن لاء ھڪ قانون ته سياسي اڳواڻن لاء ٻيو قانون آهي. وفاقي حڪومت احتساب جي نالي تي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رھي آھي.