اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان جو قوم کي خطاب ۾ چوڻ آهي ته نريندر مودي تڪبر ۾ وڏي غلطي ڪري ڇڏي جنهن سان ڪشميرين کي آزاد ٿيڻ جو تاريخي موقعو ملي ويو. وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي هاڻوڪي صورتحال تي قومي کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ خطاب ڪيو. وزيراعظ۾ چيو ته پاڪستان ڪشمير پاليسي جو فيصلائتو وقت اچي ويو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته قوم کي اعتماد ۾ وٺان.هن چيو ته جڏهن منهنجي حڪومت آئي ته پهرين ڪوشش اهائي هئي ته ملڪ ۾ امن پيدا ڪريون ته جيئن ماڻهن لاءِ روزگار ۽ واپار وڌايون ۽ ڀارت کي پڻ انهن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪوشش هئي ته سڀني سان دوستي ڪريون.وزيراعظم چيو ته افغانستام ۾ پڻ تيزي سان امن طرف وڌي رهيو آهي، هندوستان سان به ڳالهه ڪئي ته اوهان هڪ قم وڌايو ته اسان ٻه قدم اوهان طرف اينداسين ۽ اسان جو هڪ ئي مسئلو ڪشمير آهي جيڪو ڳالهين وسيلي حل ڪنداسين، پر اسان جڏهن به ڳالهين جي ڳالهه ڪيون ته ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائڻ جو بهانو ڳوليندو هو.قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته پلواما حملي ۾ ڪشميري نوجوان پاڻ کي انساني بم بڻائي اڏايو، ڀارت ان جو جائزو وٺڻ بدران اسان تي آڱر کنئي ۽ موقعو ڳوليو. هن جو چوڻ آهي ته ڀارت ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي لاءِ لابنگ پڻ ڪئي، ان کانپوءِ اسان سوچيو انهن سان ڳالهيون بن ڪرڻ گهرجن.وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪري ڇڏي، اهي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ گانڌي ۽ نهرو جي واعدن جي خلاف ويا ۽ ڀارت جي آئين مان سيڪولرازم کي پڻ ختم ڪري ڇڏيو. عمران خان جو قوم کي خطاب ۾ چوڻ هو ته ڀارت 5 آگسٽ تي اهو پيغام ڏنو ته هندوستان صرف هندن جو آهي، آر ايس ايس بي جي پي جي نظرياتي ونگ آهي، مودي پڻ ان جو ميمبر رهيو آهي، سندس پاليسي آر ايس ايس جي نظرئي موجب آهي جنهن جو نظريو هندوستان صرف هندن جو آهي، ان نظرئي ۾ مسلمانن سان نفرت هئي.هن جو چوڻ هو ته نريندر مودي کان تاريخي غلطي ٿي وئي آهي جيڪو وقت ثابت ڪندو ڪش۾ير جي ماڻهن کي آزاد ٿيڻ جو تاريخي موقعو ملي ويو آهي، اها غلطي تڪبر جي ڪري ٿي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڀارت جو منصوبو هو ته آزاد ڪشمير مان دهشتگردن جي مداخلت جو الزام هڻي ڪشميرين تي ظلم ڪرڻو هو، ان جي علائقي اسان کي اطلاع ملي چڪي هئي آزاد ڪشمير ۾ بالاڪوٽ جيان هڪ حملو ڪرڻو آهي ۽ دنيا جي نظر ۾ ڪشمير تان کڻي پاڪستان تي وجهڻي هئي پر اسان ٻنهي شين ۾ ڪامياب ٿي وياسين ۽ ان مسئلي کي عالمي سطح تي کڻي وياسين ۽ ڪيترن ملڪن جي سربراهن کي اطلاع ڏني. هن جو چوڻ هو ته ڪشمير مسئلي تي قومي سلامتي ڪائونسل پهريون ڀيرو اجلاس گهرايو ۽ ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر مسئلو اجاڳر ٿيو جيڪا ڪاميابي آهي، اسان جي فوج پوري طرح تيار ٿي وئي ۽ هاڻ انهن جي لاءِ ڏکيو هوندو ته آزاد ڪشمير ۾ آپريشن ڪري سگهون. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان فيصلو ڪري وٺون ته ان مسئلي تي پوري قوم کي ڪشمير سان گڏ بيهڻو آهي، مان ڪشمير جو سفير بڻجندس ۽ دنيا ۾ هر جاءِ تي ان مسئلي تي آواز اٿاريندس، جن جن رياستن جي سربراهن سان ڳالهيون ٿيون انهن کي ڪشمير مسئلي کان آگاهه ڪيو آهي. قومي کي خطاب ۾ هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 27 سيپٽمرب تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پوري طرح ڪشمير جو مسئلو کڻندس ۽ اتي دنيا جي قيادت سان ملي ان مسئلي جو ٻڌائيندس. عمران خان ٻين اسلامي ملڪن جي ڪردار تي چيو ته قوم کي مايوس ٿيڻ جي ضوررت ناهي، مسلمان حڪومتون واپار جي ڪري اڃان ساٿ نه پيون ڏين ته اڳتي اسان جو ساٿ ڏينديون. هن جو چوڻ هو ته ڪشمير سان دنيا بيٺل هجي يا نه، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي بيهڻو پوندو، اسان هڪ ٿي ڪشميرين کي پيغام ڏيون ته اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، هر هفتي اسڪول، ڪاليجز، يونيورسٽي ۽ آفيسن ۾ ماڻهن کي نڪرڻو آهي، هن جمعي تي 12 وڳي اڌ ڪلاڪ لاءِ ڪم روڪي ٻاهر نڪرڻو آهي، ڪشمير جا ماڻهو اسان طرف ڏسي رهيا آهن ۽ انهن کي ٻڌائڻو آهي ته جيستائين انهن کي آزاد نه ٿيم لي اسان کي بيهڻو آهي.