مودي آمريڪي ٽياڪڙي جي آڇ کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو

پيرس: (م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آمريڪي صدر سان ملاقات جي دوران روايتي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي جي ضرورت ناهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ فرانس ۾ جي-7 جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻه طرفي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ واپار بابت معاملن تي به ڳالهيون ڪيون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان سان به ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ٿيون هيون. ٻنهي ملڪن کي ملي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو ۽ مون کي اميد آهي ته اهو ممڪن به آهي جيڪڏهن ٻئي ملڪ ڪنهن نتيجي تي نٿا پهچن ته مان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي تيار آهيان.جنهن تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هڪ دفعو ٻيهر ٽياڪڙي جي ڪردار کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪنهن ٽئين ڌر جي ٽياڪڙي جي ضرورت ناهي. ٻئي ملڪ ٻه طرفن معاملن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.  مودي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو هو ته ڀارت ۽ پاڪستان کي غربت جي خلاف گڏ وڙهڻو پوندو ۽ ماڻهن جي فلاح بهبود جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *