ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده ڪٺ پتلي حڪومت 5 جولاءِ 1977 جي ڏوهه جي انتها آهي پر هاڻ پاڪستان ۾ اهو بابت سدائين لاءِ بند ٿيڻ وارو آهي.پيپلز پارٽي اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهي آهي ۽ ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري 5 جولاءِ 1977 کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان شرمناڪ ۽ اونداهو ترين ڏينهن قرار ڏنو.پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين چيو ته 5 جولاءِ 1977 ۾ آئين کي معطل ڪيو ويو ۽ جمهوريت کي ويڙهيو ويو، سمورا شهري حق غصب، ترقي جي عمل کي روڪيو ويو ۽ هر پاسي آمريت جا رنگ هئا، آمر جي ذاتي مفادن کيهٿي ۽ انهن کي تحفظ ڏئي سڄي معاشري جي بنياد کي ڪرپشن تي رکيو ويو، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جون آماجگاهون ٺاهيون ويون، ڇو ته آمرن کي رڳو پنهنجا ذاتي مفاد عزيز هئا.هن چيو ته 4 ڏهاڪا گذرڻ باوجود به 5 جولاءِ 1977 جي بلا پاڪستاني قوم جو پيڇو نه پئي ڇڏي، چونڊيل حڪومت ۽ پهرين سڌي ريت چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي جن عنصرن هٽايو، اهي يا ته هوا ۾ تباهه برباد ٿي ويا يا شرمناڪ زندگي گذاري رهيا آهن، ان مڪروهه عمل ۾ ملوث سڀني ڪردارن سان ثابت ٿيو ته ڏوهه جي ڪا ميراث ناهي هوندي، موجوده ڪٺ پتلي جيان هر غاصب حڪمران کي ان آفاقي حقيقت جي سمجهه ۽ خبر ناهي هوندي.سندس چوڻ هو ته پ پ آئين ۽ جمهوريت لاءِ بي مثال ۽ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، اها جدوجهد عوام جي حتمي فتح تائين جاري رهندي، جمهوريت هن وقت به سنڀلجڻ جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي، صوبائي خود مختياري لاءِ گنجائش محدود ڪئي پئي وڃي، عام شهري وبا ۽ ماڪڙ جي رحم ڪرم تي آهن، مزدورن جي مٿن تي بيروزگاري جون تلوارون لڙڪي رهيون آهن، ٻن ويلن جي ماني ۽ انصاف مهانگو آهي، هر گذرندڙ ڏينهن سان غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده ڪٺ پتلي حڪومت 5 جولاءِ 1977 جي ڏوهه جي انتها آهي پر هاڻ پاڪستان ۾ اهو بابت سدائين لاءِ بند ٿيڻ وارو آهي، پنهنجي جابراڻي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ مذهبي انتهاپسندي، عسڪريت پسندي، فرقي واريت ۽ لسانيت کي هٿيار بڻائيندڙن کي هٽايو ويندو.