لاهور(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ان ڪري چپ آهيون نه ته حڪومت کي ڏکيائي ۾ وجهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. بلاول هائوس لاهور ۾ اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زراري سان قمر زمان ڪائره ۽ حسن مرتضيٰ سميت ٻين پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، پنجاب جي تنظيمي ۽ سياسي سرگرمين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته موجوده وفاقي حڪومت صوبن جا حق ماري رهي آهي، وفاق سنڌ ۽ بلوچستان جا مالي وسيلا نه پيو ڏئي، مون کي خبر آهي ته پنجاب ۾ به مخالف ڌر اڳواڻ کي رڳو هڪ نلڪو به نه پيو ڏنو وڃي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ان ڪري اسان چپ آهيون. سياست ڪرڻ تي آياسين ته ڪيتريون ئي رانديون کيڏي سگهون ٿا پر ملڪي حالتون اجازت ناهن ڏئي رهيون ته پارٽي سياست ڪري، حالتون اجازت ڏينديون ته حڪومت کي ڏکيائي ۾ وجهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ سياست تبديل ٿيندي، سربراهه عوام سان رابطا وڌائن.