موجوده حڪمران جمهوري گهٽ پر ڪنهن ملڪ جا بادشاهه وڌيڪ لڳي رهيا آهن؛جلال شاهه

ڪراچي(پ ر) موجوده حڪمران جمهوري نمائنده گهٽ پر ڪنهن ملڪ جا بادشاهه وڌيڪ لڳي رهيا آهن. جنهن جو ثبوت جي آئي ٽي آڏو پيش ٿيل رڪارڊ ۾ سرڪاري ادارن طرفان هيراڦيري ڪرڻ ۽ ان آڏو رڪاوٽون وجهڻ جي نشاندهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه پنهنجي پريس بيان وسيلي ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف ۽ سندس خاندان پاناماڪيس ۾ جي آئي ٽي آڏو هڪ جوابدار طور نه پر ملڪ جي بادشاهه طور پاڻ کي پيش ڪري رهيا آهن. حڪمران سرڪاري ادارن تي اثر رسوخ استعمال ڪري جي آئي ٽي جي گهربل رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرائي رهيا آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته پاناما ڪيس جا ڪي خاطرخواهه نتيجا ڪونه نڪرڻا آهن. سيد جلال محمود شاهه چيو ته جنهن ملڪ جا سرڪاري ادارا حڪمرانن جي نور نظر سربراهن جي هٿن ۾ هجن اتي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جاچ ڪندڙ ادارن کي گهربل مواد ايمانداري سان پيش ڪيو ويندو. هن خدشو ظاهر ڪيو ته جي اهڙوئي طريقي ڪار جي آئي ٽي جي جاچ ۾ استعمال ڪيو ويو ته پوءِ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ بجاءِ کير جو ڌوتل ڪري ايندڙ اليڪشنن ۾ عوام آڏو پيش ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *