موجوده حالتن ۾ لاڪ ڊائون سبب ڪاروبار بند آهي، حڪومت شهرين کي رليف فراهم ڪري: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خانگي بئنڪن جي قرضن جي قسطن جي اوڳاڙي روڪڻ واري درخواست تي وفاقي حڪومت، ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ لاڪ ڊائون سبب ڪاروبار بند آهي، خانگي بئنڪون قسطن لاءِ شهرين کي حراسان نه ڪن، حڪومت شهرين کي رليف فراهم ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ بئنچ خانگي بئنڪن جي قسطن جي اوڳاڙي روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار رفيق الرحمان عدالت آڏو پيش ٿيندي چيو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام تحت 75هزار روپين جو قرض ورتو هو، خانگي ڪمپني ۾ موٽرسائيڪل هلائي گذر سفر ڪندو آهيان. درخواستگذار چيو ته ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *