ڪراچي ( م ڊ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت ۾ دهشتگردي خلاف قدم سرد خاني جي نظر آهن. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لورالائي ۾ دهشتگردي حملي جي مذمت ڪئي ۽ اهلڪارن جي خاندان سان همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ان ڪي به رايا ناهن دهشتگردي پاڪستان جا دشمن آهن، دهشتگردن سان گڏوگڏ سندن همدردن ۽ سهولتڪارن جو پڻ صفايو ڪيو وڃي. پي پي چيئرمين چيو ته جڏهن کان هي حڪومت آئي آهي، دهشتگردي خلاف کنيل قدم سرد خاني جي نظر آهن، وزيراعظم دهشتگردي بابت پنهنجي نظرين ۽ موقف تان يوٽرن وٺي.