اسلام آباد ( بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته موجودا حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آمريڪا سان تمام گهڻا رابطا ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس ۾ هفتوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته آمريڪا جي پاڪ –افغان مفاهمت بابت خاص نمائندي زلمي خليل زاد پاڪستان جي تازي دوري دوران مفاهمتي عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان موجب ان دوران ٻنهي ملڪن گڏيل طور تي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته افغان طالبان کي ڳاليهن جي ميز تي آڻڻ آمريڪا، افغان حڪومت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن جي ذميواري آهي ۽ تنهنڪري زلمي خليل زاد ٻين ملڪن جو به دورو ڪري رهيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم ۽ بربريت جي حوالي سان پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته قابض ڀارتي فوج ڪشميرين کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حريت قيادت جي غيرقانوني گرفتاري دوران سختين ۾ واڌ جي مذمت ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ چونڊون جعلي آهن جن جو ڀارت کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس جي موقعي تي شيڊول پاڪ-ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات رد ٿيڻ بابت پرڏيهي ترجمان چيو ته اسان پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي درخواست ڪئي هئي، پر ڀارت ڳالهين جي حامي ڀرڻ باوجود پوئتي هٽي ويو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان صدائين چيو آهي ته اسان خطي ۾ هٿيارين جي ڊوڙ خلاف آهيون ۽ ڪنهن به قسم جي هٿيارين جي ڊوڙ ۾ نٿا پوڻ چاهيون، پر جيڪي ملڪ ڀارت کي اهڙا هٿيار فراهم ڪري رهيا آهن، ان سان طاقت جو توازن متاثر ٿيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ڪنهن خوش فهمي جو شڪار نه رهي، اسان پنهنجي سرزمين جو بچاءَ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بريفنگ دوران پرڏيهي ترجمان پاڪ_ چين اقتصادي راهداري رٿا تي به روشني وڌي ۽ چيو ته سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي عرب سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان ٻين ملڪن کي به سي پيڪ جي خاص اقتصادي زونن ۾ سيڙپڪاري تي ڀليڪار چئون ٿا. ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل وڌيڪ چيو ته سي پيڪ معاهدن تي ڪا به نظرثاني ناهي ٿي رهي، ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان جو بيان درست رپورٽ ناهي ٿيو. بريفنگ دوران پاڪستنا ۽ چين جي وچ ۾ ڊرونن جي خريداري واري معاملي جي حوالي سنا پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته کيس ان جو علم ناهي.
Author Details
Anna Riley
Members of Kanta Dab Dab, a band specialising in fusion of local Nepali and Western music elements, talk about their…
Leave a Reply