موبائيل فون ڪمپنيون حڪومت کي ساليانون ٽيڪس 400 ارب رپيا ادا نه ٿيون ڪن : نيب جوچير مين

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي احتساب بيورو جي چيرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ وارين موبائيل فون ڪمپنيون ظاهري طور تي رپورٽس جي مطابق فيڊرل بورڊ آف ريوينيو حڪومت پاڪستان کي تقريبن 400 ارب ساليانون ٽيڪس ادا نه ٿيون ڪن. جنهن جي ڪري قومي خزاني ۾ هر سال تقريبن 400 ارب رپئي جمع نه ٿا ڪرايا وڃن، پر فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڪارڪردگي خاص ڪري ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گھرجن. نيب جي چيرمين چيو ته نيب جي 7 علاقائي بيوروز آهن جن جي انچارج واسطيدار ڊائريڪٽر جنرلز آهن جکي هدايت جاري ڪيون ويون آهن ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته عوام جي بدعنواني سان متعلق تمام شڪايتن جو نه صرف قانون جي مطابق ازالو ڪيو وڃي پر شڪايت ڪندڙن کي هر وقت ان کان آگاهه ڪيو وڃي. هڪ دفعو قانون جي مطابق انڪوائري /انويسٽيگيشن ٿيڻ کانپوءِ قانون جي برخلاف کولڻ ۽ ڪنهن بي گناهه کي بار بار نيب ۾ گھرائڻ ۽ مبينه طور تي هراسان ڪرڻ وارن جي خلاف قانون جي مطابق ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *