ڏوڪري؛ صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت سنڌ سيد سردار علي شاهه ڳالهائيندي چيو آهي ته موئن جودڙو (انڊس سولائيزيشن) کي پوري دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ عالمي ڪانفرنس ڪرائي آهي جنهن ۾ آرڪيالاجي جا ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر شرڪت ڪئي آهي اهڙي ڪانفرنس اڳ 1973ع ۾ ٿي چڪي آهي. جڏهن ته 44 سالن کانپوءِ اها ڪانفرنس ٻيهر ڪرائي ويئي آهي، دنيا ۾ 4 وڏيون تهذيبون آهن انهن منجهان موئن جودڙو به هڪ تهذيب آهي هي ورثو صرف سنڌ جو ورثو نه آهي پر دنيا ۾ رهندڙ 7 ارب ماڻهن جو ورثو آهي. موئن جودڙو تي جن ماهرن پهريون تحقيق ڪئي آهي انهن کي گهرايو آهي جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن کان آيا آهن . هن تهذيب متعلق ٽيڪنيڪل ماهرن جا 2 سيشن تجويزن جي روشني ۾ اسين موئن جودڙو کي بچائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪتب آڻينداسين. هن چيو ته 10 فيبروري 2017ع تي رات جو سمبارا هوٽل ۾ ميوزيڪل شو پڻ منعقد ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته عمر ڪوٽ جي قلعي تي به ڪم ڪرايو ويو آهي جڏهن ته مڪلي قبرستان تي پڻ ڪم ڪرايوويو آهي. موئن جودڙو جي سائيٽس جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪور ڊرلنگ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. آثار قديمه 1947ع کان 2010ع تائين وفاق جي ڪنٽرول ۾ هو. هن وڌيڪ چيو ته موهن جو دڙو اسان جو ساهه آهي جنهن جي ڪري اسين وڌيڪ سڃاتا وڃون ٿا هن چيو ته موهن جو دڙو تي ڪنزرويشن ۽ ٻيون ڪم ڪرڻو آهي ته جئين مو هن جو دڙو کي جرڪائي سنواري سهگون،