منڇر ڍنڍ آلودگي ڪيس، سپريم ڪورٽ سنڌ حڪوتم جي ٽاسڪ فورس جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ ۾ آلوده پاڻي جي ڇوٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي سنڌ حڪومت جي ٽاسڪ فورس جو نوٽيفڪيشن رد ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ٽاسڪ فورس ۾ قابل ۽ باصلاحيت ماهرن کي شامل ڪيو وڃي، ٽاسڪ فورس ۾ هڪ اهڙي شخص کي شامل ڪيو ويو جيڪو پاڻي ۾ ملاوٽ جو ذميدار اهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ريمارڪس ڏنا آهن ته ماحولياتي تحفظ سنڌ جو ڊائريڪٽر جنرل نااهل ترين شخص آهي، نعيم احمد پوري سنڌ ۽ ڪراچي جي ڪروڙين ماڻهن جو قتل ڪري رهيو آهي، ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي سنڌ حڪومت طرفان آر بي او ڊي پراجيڪٽ بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته آر بي او ڊي پراجيڪٽ وفاقي اداري واپڊا جو منصوبو آهي ۽ سنڌ حڪومت ان ۾ ڀائيوار آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت طرفان منڇر ڍنڍ بابت ٽاسڪ فورس بڻائي وئي اهي، سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جنهن شخص منڇر ڍنڍ کي تباهه ڪيو ان کي ٽاسڪ فورس ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عدالت سنڌ حڪومت کي ٽاسڪ فورس ۾ قابل ۽ باصلاحيت ماهرن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ حڪومت جي جوڙيل ٽاسڪ فورس جو نوٽيفڪيشن رد ڪندي چيو ته مسئلو حل نه ٿيو ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي گهرائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *