مني واٽر ڪمپنيون وڏو اسڪينڊل بڻجي ويون آهن، قوم جو نقصان نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

ااسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ بوتل بند پاڻي وڪرو ڪندڙ ۽ شربت ٺاهيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت جو چوڻ آهي ته ڀلي منرل واٽر ڪمپنيون بند ڪيون وڃن، صنعت لاءِ قوم جو نقصان بند نه ٿو ڪري سگهجي، منرل واٽر ڪمپنيون اسڪينڊل بڻجي ويون آهن. چيف جسٽس ثاقب نثارجي سربراهيءَ ۾ بئنچ منرل واٽر ڪمپنين جي پاڻي جي استعمال ۽ قيمت مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  آبي ماهر ڊاڪٽر احسن صديقي عدالت کي ٻڌايو ته پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيون جر جو پاڻي خشڪ ڪري رهيون آهن، اهڙين ڪمپنين وٽ پاڻي جي ڪوالٽي چيڪ ڪرڻ جا اوزار نه آهن. ڊي جي ماحوليات چيو ته ڪمپنين ڪنهن ماحولياتي ڪمپني کان سرٽيفڪيٽ نه ورتو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مون کي ٻڌايو ته بوتلن وارو پاڻي ڪئين تيار ڪيو ويندو آهي، بوتل ۾ بند پاڻي جي ڪوالٽي ڪهڙي آهي؟  آبي ماهر چيو ته سنڌو درياءَ جي پاڻي مان بيڪٽريا ختم ڪيا وڃن ته بوتل واري پاڻي کان بهتر آهي. چيف جسٽس چيو ته بوتل بند پاڻي ڪمپنين پاڻي چوري ڪيو آهي.  عدالت بوتل بند ۽ شربت ٺاهيندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪمپنين خلاف سول ۽ فوجداري قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪمپنيون بنا ادائيگي جر جو پاڻي ڪڍي رهيون آهن. عدالت چيو ته ڪمپني مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڊاڪٽر احسن صديقي ۽ ڊي جي ماحوليات سمورين فيڪٽرين جو پاڻي چيڪ ڪن ۽ پاڻي جي ڪوالٽي بابت رپورٽ 10 ڏينهن ۾ پيش ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *