لاهور( مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شمس محمود مرزا وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار لي ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار پير شمرور رضوان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف ۽ ٻيون شخصيتون مني لانڊرنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن، سمورن ماڻهن خلاف 1996ع کان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست به ٻڌڻي هيٺ آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ ٻين اعليٰ عدليه جي ججن ۾ پلاٽ ورهائي کين خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تنهن ڪري سمورن ماڻهن خلاف مني لانڊرنگ تحت ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته سڀني کي نااهل قرار ڏئي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف، چوڌري نثار علي، اسحاق ڊار، گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته سمورين ڌرين کي 10 مئي تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.