اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي ساڍا 3 ارب رپيه ماليت جي جون ملڪيتون ضبط ڪري ورتيون آهن. ايف آءِ اي دهشتگردي جي خاتمي واري ونگ اسلام آباد خدمت خلق فائونڊيشن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي جنهن جي سربراهي اي ٽي سي ونگ جو سربراهي مظهر ڪاڪا خيل ڪري رهيو آهي. خدمت خلق فائونڊيشن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي جنهن ۾ ايف آءِ اي ڪي ڪي ايف جون 29 ملڪيتون ضبط ڪيون آهن جنهن جي ماليت 3 ارب رپيه آهي. ايف آءِ اي موجب خدمت خلق فائونڊيشن جون اهي ملڪيتون ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ قائم آهن جيڪي ڀتي جي رقم سان ٺاهيون ويون آهن. ايف آءِ اي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪي ڪي ايف ون جي ملڪيتن مان حاصل ڪيل رقم جا 2 وڏا استعمال هئا، ملڪيتن جي ڀاڙي سان ايم ڪيو ايم جي شهيدن ۽ قيدين جي وارثن کي رقم ڏني ويندي هئي. رقم 6 جي لڳ ڀڳ سهولتڪارن ذريعي لنڊن موڪلي وئي، اهڙن سهولتڪارن ۾ بابر غوري، سهيل منصور، سينيٽر احمد علي ۽ ٻيا شامل آهن. ايف آءِ اي موجب ملڪيتن ۾ جعلي نالن ذريعي ٽرانزيڪشن ٿيندي رهي آهي. ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو ته في الحال ڀاڙي جي مد ۾ شهيدن ۽ قيدين جي خاندانن کي منتقل ڪيل رقم کي نه روڪيو ويو آهي.