ڪراچي(م ڊ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ انتهائي اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ جاچ دوران وڌيڪ 15 شڪي اڪائونٽن جو انڪشاف ٿيو آهي. فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) اختيارين موجب انهن 15 اڪائونٽن مان 4 اڪائونٽ ظاهري طور جعلي يا بنا نالي جي آهن جن ۾ 6 ارب رپين جي رقم منتقل ڪئي وئي. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جعلي ۽ بنا نالي اڪائونٽن جو انگ 33 ٿي ويو آهي ۽ هن وقت تائين رقم 35 مان وڌي 41 ارب ٿي وئي آهي. ايف آءِ اي ٻڌايو ته انهن چئن اڪائونٽن ۾ 6 ارب رپين جي رقم آئي ۽ وئي به آهي جڏهن ته انهن اڪائونٽن مان ڪجهه اومني گروپ جا آهن. ايف آءِ اي موجب انهن اڪائونٽن مان زرداري گروپ جي اڪائونٽ ۾ 9 ڪروڙ رپين جي ترسيل ٿي ، جڏهن سامهون ايندڙ 11 اڪائونٽن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته جعلي بينڪ اڪائونٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪيسن جون ٻڌڻيون سپريم ڪورٽ ۽ بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي ۾ جاري آهن جڏهن ته انهن ڪيسن ۾ حسين لوائي، اومني گروپ جو مالڪ انور مجيد ۽ سندس عبدالغني مجيد عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آهن.