ڪراچي( م ڊ ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي انور مجيد، حسين لوائي سميت ٻين جوابدارن جي ٻيهر رمانڊ جي درخواست تي دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ورتو آهي. بئنڪنگ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. عدالت ۾ ايف آءِ اي جوابدارن کي ٻيهر تحويل ۾ وٺڻ جي درخواست ڪئي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ حسين لوائي، طحا رضا، انور مجيد ۽ غني مجيد جيل ۾ آهن. عدالت ۾ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر علي ابڙو درخواست ۾ چيو ته ايف آءِ اي وٽ ڪجهه اهڙا دستاويز آهن جنهن تي جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي. جوابدارن جي وڪيل شوڪت حيات دليلن ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ ايف آءِ اي جي درخواست تي فيصلو نه ٿي ڏئي سگهي، سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي ڪنهن به فيصلي کان روڪيو آهي. درخواست جي آءِ ٽي نه پر جاچ آفيسر داخل ڪئي آهي ۽ جاچ آفيسر جي آءِ ٽي جو ميمبر به ناهي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ڇڏيو.