ڪراچي( م ڊ ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد کي 4 سيپٽمبر تائين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. ڪراچيءَ جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدارن انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد کي پيش ڪيو. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان جاچ ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري هاڻي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي، جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي. جوابدارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيلن جي حالت ٺيڪ ناهي، تنهن ڪري کين جيل بدران اسپتال منتقل ڪيو وڃي، عدالت جوابدارن جي وڪيلن جي درخواست رد ڪندي کين 4 سيپٽمبر تائين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. عدالت جوابدارن جي وڪيل جي درخواست تي جيل اختيارين کي سندن طبي معائنو ڪرائڻ بعد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻڌڻي کان اڳ انور مجيد ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي چيو ته هڪ شگر ملز تي ڇاپو لڳو، اتان مليل سمورا هٿيار لائسنس وارا آهن، آصف زرداري سان رڳو هڪ منٽ ملاقات ٿي جنهن ۾ هڪ ٻئي کي آٿت ڏني.