ڪراچي (م ڊ ) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور پنهنجو الڳ الڳ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. ايف آءِ اي جي طلب ڪرڻ تي فريال ٽالپور ايف آءِ اي جي آفيس پهتي ته رڳو سندس گاڏي کي ئي آفيس جي حدن وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. ذريعن موجب گڏيل جاچ ٽيم هڪ ڪلاڪ تائين فريال ٽالپور کان پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن بعد کيس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي پڻ اڄ سڏايو ويو هو ته پر سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيو. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زردري منجهند ٻئين وڳي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيو، آصف علي زرداري کان هڪ ڪلاڪ 20 منٽن تائين پڇا ڳاڇا جاري رهي. ياد رهي ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالت مان عبوري ضمانت حاصل آهي ۽ ٻئي چار ڀيرا ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿي چڪا آهن.