مني بجيٽ نه ايندي،12970 ارب ٽيڪس اوڳاڙي هدف پورو ڪيو ويندو: ناڻي وزير

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪا مني بجيٽ نه اچي رهي آهي، 12 هزار 9 سئو 70 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪيو ويندو، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو آهي ته پرائمري سرپلس هدف ڪاميابي سان پورو ڪيو، هاڻي اين ايف سي تي نظرثاني جي ضرورت آهي، ٽيڪس اوڳاڙي کي انفورسمنٽ ۽ انتظاميا قدمن سان بهتر ڪيو ويندو، 11کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، 5 کاتن ۾ ڪم جاري آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف وفد سان توانائي جي شعبي ۾ سڌارن تي گهڻي ڳالهه ٻولهه ٿي، جينڪو، ڊسڪوز ۽ ايئرپورٽ کي خانگي شعبي کي ڏينداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *