منهنجي دل چئي رهي آهي ته تبديلي جو انقلاب اچڻ وارو آهي، بيبي بلاول زندگي ۾ نه نوڪري ڪئي نه ڪم ڪيو ۽ ملڪ سنڀالڻ اچي ويو: عمران خان

وهاڙي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو اهي ته ٻه هفتا باقي آهن، خبر ناهي ته الله کي ڇا منظور اهي، منهنجي دل چئي رهي آهي ته تبديلي جو انقلاب اچڻ وارو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ نه هجي ها ته انهن ئي ٻن پارٽين جون واريون هلنديون رهن ها، عوام وٽ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کان سواءِ  ڪا به چوائس نه هجي ها. عمران خان چيو ته هاڻ انهن جا ٻار وارا وٺڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا آهن، بيبي بلاول زندگي ۾ نوڪري ناهي ڪئي، هڪ ڪلاڪ ڪم ناهي ڪيو ۽ ملڪ سنڀالڻ اچي ويو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته مريم نواز چوي ٿي ته لندن ته ڇا پاڪستان ۾ به پراپرٽي ناهي جڏهن ته ڀاءُ چوي ٿو ته سڄي پراپرٽي اسان جي آهي. هن چيو ته نواز شريف جي سزا تي شهباز ۽ حمزه خوشي ۾ مٺائيون ورهائي رهيا هئا ۽ هٿ کڻي مون کي دعائون ڏئي رهيا هئا. هن چيو ته اهي ماڻهو قوم کي ٻڪري يا رڍ سمجهندا آهن پهرين والدين ڦريندا آهن ۽ پوءِ ٻار به تيار ٿي ويندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *