لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي باغي اڳواڻ زعيم قادري جو چوڻ آهي ته منهنجي ايتري مخالفت کان پوءِ به عليم خان مون کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي آئون سندس ٿورائتو آهيان ۽ مون وٽ سندس ٿورا مڃڻ جي لاءِ لفظ ئي ناهن، پر آئون منزل ڏانهن اڪيلو هلندس، لاهور مان آزاد حيثيت سان اليڪشن وڙهي رهيو آهيان، نه مون وٽ دولت آهي نه ئي طاقت پر لاهور مون کي ووٽ ڏيندو. نيب ۾ پيشي بعد زعيم قادري جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته نيب طلبي جو نوٽيس مون کي اڄ ئي مليو هو مون کان صاف پاڻي ڪيس بابت سوال جواب ڪيا ويا، نيب عزت سان سوال ڪيا ۽ مون به پورا جواب ڏنا، منهنجو ڀاءُ صاف پاڻي ڪمپني ۾ بنا ڪنهن پگهار جي ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته منهنجي گهرواري ڊائريڪٽر هئي بعد ۾ استعيفيٰ ڏني هئي، جيڪڏهن ڪرپشن جو الزام ثابت ٿيو ته سياست ڇڏي ڏيندس. هن چيو ته پنجاب ۽ لاهور جي جيئرو هئڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، مون کي سڄو پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ سپورٽ ڪري رهيا آهن، 25 جولاءِ تي ثابت ٿي ويندو ته لاهور قبرستان ناهي، شهباز شريف مون سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ۽ عليم خان جو ٿورائتو آهيان پر مون کي منزل ڏانهن اڪيلو وڃڻو آهي، لاهور ۾ آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهندس، نه مون وٽ دولت آهي نه ئي طاقت پر لاهور مون کي ووٽ ڏيندو.