مناسب قدم نه کنياسين ته مانچسٽر جهڙا حملا ٿيندا رهندا: ڊونلڊ ٽرمپ

برسلز (م ڊ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ مناسب قدم نه کنيا ويا ته مانچسٽر جهرا حملا ٿيندا رهندا، هزارن جي تعداد ۾ يورپ ايندڙ ملڪ ڇڏيندڙن تي سخت نظر رکڻي پوندي، برسلز ۾ اولهه اتحاد نيٽو سربراهي اجلاس جي شروعات ۾ شرڪت ڪندڙن برطانوي شهر مانچسٽر ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويندڙن جي احترام ۾ هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو ته عالمي اڳواڻن وحشيساڻن، انسانيت سوز دهشتگرد حملن کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم نه کنيا ته مانچسٽر جهڙا حملا ٿيندا رهندا، هن مانچسٽر حملي بابت آمريڪي ميڊيا ۾ ظاهر ٿيل ڳجهي معلومات تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪي عملدار ان جي مڪمل جاچ ڪن، صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکندو، جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ يورپ ايندڙ ملڪ ڇڏيندڙن تي به سخت نظر رکڻي پوندي، آمريڪي صدر نيٽو ۾ شامل اتحادي ملڪن تي زور ڀريو ته اهي لازمي طور تي دفاعي بجيٽ ۾ پنهنجي حصي جا مناسب خرچ ادا ڪن، سربراهه اجلاس جي موقعي تي جرمن چانسيلر اينجلا مرڪل ۽ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل زينس اسٽولٽن برگ نيٽو هيڊ ڪوارٽر ۾ ٻن نئين يادگارن جي به نقاب ڪشائي ڪئي، هڪ يادگار ۾ ديوار برلن  جي ٻن ٽڪڙن کي جوڙيو ويو آهي، جنهن جو مطلب يورپ جي ورهاست جو خاتمو آهي، ٻي يادگار ۾ آمريڪا ۾ نائن اليون جي حملن جي هنڌ تان ورتل هڪ اسٽيل بيم آهي، جيڪا نيٽو جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *