ملڪ ۾ 70 سالن دوران آمرن سان مقابلو ڪيو ويو، بجلي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي: شهباز شريف
April 5, 2017 at 2:19 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ 70 سالن دوران آمرن سان مقابلو ڪيو ويو، بجلي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي رهي آهي. لاهور ۾ اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪندي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته چين جي آمدني 1979ع ۾ پاڪستان کان گهٽ هئي، هاڻي ترقي ڪري ڪافي اڳتي آهي. هن چيو ته ادارن جي سڌارن تي توجهه ڏيڻ سان پنجاب صوبي ترقي ڪئي آهي، ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان عوام کي وڌيڪ سهولتون ملنديون. شهباز شريف چيو ته ماضي ۾ جيڪي ملڪ پاڪستان کان پوئتي هئا اهي هاڻي ترقي ڪري اڳتي ٿي ويا آهن.