سلام آباد ( م ڊ ) پنجاب ۾ وڌيڪ 18 ڪيس سامهون اچڻ بعد ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ وڌي 467 ٿي ويو. وزير اعظم عمران خان واپاري سرگرمين جي لاءِ چمن بارڊر کي کولڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا جا ڪيس سنڌ صوبي ۾ 238 رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن ۾ 151 زائرين شامل آهن، اڄ پنجاب صوبي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 18 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن بعد ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ ڪل ڪيسن جو انگ 96 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ 81، خيبرپختونخوا ۾ 23، گلگت بلتستان ۾ 21، اسلام آباد ۾ 7 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس سامهون اچي چڪو آهي ٻئي پاسي وزيراعطم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ وارن قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، عسڪري ۽ سول ادارن جا ٻيا اعليٰ عملدار ۽ صحت جو خاص مددگار ظفر مرزا به موجود هو ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جهڙي عالمي وبا ڦهلجڻ باوجود اسان پنهنجي افغان ڀائر ۽ ڀينرن جي مدد جي لاٰءِ پوري طرح تيار آهيون، وزير اعظم چيو ته چمن سرحد کوليندي ٽرڪن کي افغانستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، بحراني ڪيفيت ۾ اسان ثابت قدمي سان افغانستان سان گڏ آهيون.