اسلام آبا/ ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 30 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 391 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 17439 تائين پهچي ويو آهي.هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه مان سامهون آيون آهن جتي ڪورونا جي ڪري 146 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 118 ۽ پنجاب ۾ 106 ڄڻا فوت ٿي ويا.ان کان سواءِ بلوچستان ۾ 14، اسلام آباد 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا ان مرض سبب فوت ٿي ويا آهن.اڄ جمعي جي ڏينهن ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 966 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن ۽ 30 فوتگيون به ٿيون آهن جنهن مان سنڌ 622 ڪيس 6 فوتگيون، خيبرپختونخواهه 314 ڪيس ۽ 24 فوتگيون ۽ اسلام آباد مان 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صوبي ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 622 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 6 فوتگيون به ٿيون آهن جنهن جي تصديق سنڌ جي وڏي وزير ڪئي.وڏي وزير ٻڌايو ته نون ڪيسن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي گڏيل مريضن جو انگ 6675 ۽ فوتگيون 118 ٿي ويون آهن.مراد علي شاهه موجب وڌيڪ 73 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيلن جو انگ 1295 ٿي ويو آهي.خيبرپختونخواهه حڪومت طرفان خميس 30 اپريل تي ڪورونا وائرس جا انگ اکر جاري نه ڪيا ويا هئا پر اڄ جمعي تي جاري انگن اکرن ۾ وڌيڪ 314 ڪيس ۽ وڏي انگ ۾ 24 فوتگيون رپورٽ ڪيون ويون آهن.صحت واري صوبائي وزير تيمور جهڳڙا صوبي ۾ نون ڪيسن ۽ فوتگين جي تصديق ڪئي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جي گڏيل ڪيسن جو انگ 2627 ۽ فوتگيون 146 ٿي چڪيون آهن جڏهن ته صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا مان 654 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 30 ڪيس سامهون آيا جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.پورٽل موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 343 ٿي ويو آهي جڏهن ته شهر وائرس سبب هن وقت تائين 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.