ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ هڪ هزار 226 ڪيس رپورٽ، 35 مريض فوت

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1226 ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 35 مريض لاڏاڻو پڻ ڪري ويا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب هڪ ڏينهن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 1226 ڄڻن کي متاثر ڪيو، جنهن کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 2 لک 73 هزار 113 ٿي ويو آهي.هيل تائين سنڌ ۾ هڪ لک 17 هزار 598، پنجاب ۾ 91 هزار 901، خيبر پختونخواهه ۾ 33 هزار 220، بلوچستان ۾ 11 هزار 578، اسلام آباد ۾ 14 هزار 841، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 952 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 23 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي وڌيڪ 35 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتين جو ڪُل انگ 5 هزار 822 ٿي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر 2 لک 37 هزار 434 مريض صحتياب به ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت فعال ڪيسن جو انگ 29 هزار 857 آهي.مريضن کانپوءِ فوتگين جي لحاظ سان به سنڌ پهرين نمبر تي آهي، جتي 2 هزار 135 ڄڻا وبا سبب فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 2116، خيبر پختونخواهه ۾ 1176، اسلام آباد ۾ 163، بلوچستان ۾ 136، گلگت بلتستان ۾ 47، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 49 مريض لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *