اسلام آباد(بيورو چيف) ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ صوبي ۾ وڌيڪ ٻن فوتگين کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري فوتگين جو گڏيل انگ 19 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 70 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 1670 ٿي ويو آهي.گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ عالمگير وبا جي ڪري 5 ڄڻا حياتي تان هٿ ڌوئي ويٺا جيڪي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ آيل سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن.سرڪاري انگن اکرن موجب اڄ سنڌ ۾ 6 پنجاب ۾ 45، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان 3-3، گلگت بلتستان ۾ 5 ۽ اسلام آباد 8 نون ڪيس سامهون آيا.ڪورونا جي حوالي سان قائم ڪيل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي ويب سائيٽ جي موجب ملڪ ۾ فوتگين جو انگ 20 آهي جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ سمورين صوبائي حڪومتن طرفان فراهم ڪيل انگن اکرن موجب هن وقت تائين گڏيل طور تي 19 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ اڄ وڌيڪ 45 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کان پوءِ صوبي ۾ ڪل ڪيسن جو انگ 638 ٿي ويو آهي جڏهن ته 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.پنجاب جي صحت کاتي موجب هن وقت لاهور ۾ مريضن جو انگ 126 آهي جڏهن ته گجرات ۾ 62، جهلم ۾ 28، راولپنڊي 40، ننڪانه صاحب ۾ 13، گجرانوالا ۾ 11، فيصل آباد ۾ 9، ڊي جي خان ۽ حافظ آباد ۾ 5-5، منڊي بهاو الدين ۾ 4، ميانوالي ۾ 3 جڏهن ته ملتان، رحيم يار خان، وهاڙي، سرگوڌا ۽ بهاولنگر ۾ 2-2 مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.صحت واري کاتي جو چوڻ آهي ته نارروال، اٽڪ، خوشاب، بهاولپور ۽ قصور ۾ هڪ هڪ مريض ۾ ڪورونا وائرس مليو آهي.صحت کاتي موجب صوبي جي مختلف شهرن ۾ قائم قرنطينه مرڪزن ۾ موجود مريضن جو انگ 318 آهي.سنڌ ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن جي فوتگي جي تصديق کان پوءِ صوبي ۾ فوتگين جو انگ 5 جڏهن ته 6 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 508 ٿي ويو آهي.سنڌ جي صحت واري کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 6 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته شهر ۾ وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جن جون عمرون 52 ۽ 60 سال آهن.سرڪاري پورٽل موجب وفاقي راڄڌاني ۾ وڌيڪ 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ اسلام آباد ۾ مريضن جو انگ 43 کان وڌي 51 ٿي ويو آهي.بلوچستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 144 ٿي ويو آهي.صحت واري صوبائي کاتي موجب متاثر ماڻهن ۾ 4 ڊاڪٽرن سميت 10 ڄڻن جي ڪا به ٽريول هسٽري ناهي.بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي موجب هن وقت تائين 2 مريض مڪمل صحتياب ٿيا آهن جڏهن ته هڪ مريض لاڏاڻو ڪري چڪو آهي.