اسلام آباد (بيورو)پاڪستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ 56 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو ڪل انگ 1499 ٿي ويو، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 70381 ٿي ويو آهي.آچر ڏينهن سڄي ملڪ مان ڪورونا جا وڌيڪ 2080 سامهون آيا ۽ 56 فوتگيون به رپورٽ ٿيون، جن مان سنڌ ۾ 885 ڪيس ۽ 16 فوتگيون، پنجاب ۾ 952 ڪيس ۽ 36 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 226 ڪيس ۽ 4 فوتگيون، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 17 ڪيس ظاهر ٿيا.سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 885 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي ۽ 16 فوتگيون به سامهون آيون، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي.سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هڪ ڏينهن دوران سامهون آيل 885 ڪيسن مان 617 جو واسطو رڳو ڪراچي سان آهي، صوبي ۾ ڪورونا متاثرن جو گڏيل انگ 28245 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 481 تي پهچي ويو آهي.سندس موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 553 ڄڻا صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 13810 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 952 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 36 فوتگيون سامهون آيون، جنهن جي تصديق سرڪاري پورٽل تي ڪئي وئي.سرڪاري پورٽل موجب صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل انگ 25056 ۽ فوتين جو انگ 475 ٿي ويو آهي.اختيارين ٻڌايو ته پنجاب ۾ هيل تائين 6507 ڄڻا ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 226 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 4 فوتگيون به سامهون آيون، جيڪي انگ اکر سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا.پورٽل موجب شهر ۾ ڪورونا ڪيسن جو گڏيل انگ 2418 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 27 تي پهچي چڪو آهي.اسلام آباد ۾ هيل تائين 161 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن.