ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 24 فوتگيون، 1007 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آبا(م ڊ) ملڪ ۾ اڄ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 24 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 761 ٿي ويو آهي جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 35332 تائين پهچي ويو آهي.هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه مان سامهون آيون آهن جتي ڪورونا جي ڪري 275 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 234 ۽ پنجاب ۾ 214 ڄڻا فوت ٿي ويا.ان کان سواءِ بلوچستان ۾ 27، اسلام آباد 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 ڄڻا ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ شخص وائرس سبب فوت ٿي ويو.اڄ اربع جي ڏينهن ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1007 ڪيس سامهون آيا ۽ 24 فوتگيون به ٿيون جنهن مان سنڌ 731 ڪيس 16فوتگيون، خيبرپختونخواهه 231 ڪيس ۽ 8 فوتگيون، اسلام آباد مان 43 ۽ آزاد ڪشمير مان 2 ڪيس سامهون آيا.سنڌ ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 731 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 16 فوتگيون به ٿيون آهن جنهن جي تصديق سنڌ جي وڏي وزير ڪئي.وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4223 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 731 نوان مريضن جي واڌ کان پوءِ صوبي ۾ ڪل ڪيسن جو انگ 13341 ۽ فوتگيون 234 ٿي ويون آهن.سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته سٺي خبر اِها آهي ته 606 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن جنهن کان پوءِ هن وقت تائين 2835 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 43 ڪيس سامهون آيا.سرڪاري پورٽل موجب نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 759 ٿي ويو آهي جڏهن ته شهر ۾ وائرس سبب هن وقت تائين 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *